ممبئي : بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون جي فلم بيبي جان رليز جي پهرين ڏينهن ئي باڪس آفيس تي ڪامياب ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب 25 ڊسمبر تي رليز ٿيندڙ فلم پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي 12.5 ڪروڙ جو بزنس ڪري ورتو.هن فلم جي خاص ڳالهه اها هئي ته سپر اسٽار سلمان خان ان ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيو آهي.گذريل ڏينهن جڏهن ورون ڌون جي فلم بيبي جان رليز ٿي ته ماڻهو فلم ڏسڻ ۾ مصروف هئا ته اوچتو سلمان خان کي فلم جي هڪ منظر ۾ ڏسي سڀ حيران ٿي ويا.بعد ۾ سوشل ميڊيا تي صارفين جا تبصرا به سامهون آيا ته فلم ۾ سلمان خان جي انٽري سئنيما ۾ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ سلمان خان جي ظهور جي خوشي ۾ ٿيئٽر سٽن ۽ شور سان گونجي ويو،ميڊيا رپورٽن موجب ورون ڌون جي اها گذريل 5 سالن ۾ ڪنهن به فلم جي ڪامياب ترين اوپننگ آهي.