قازقستان ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ جهاز جو بليڪ باڪس لڀي ويو

آستانا: قازقستان ۾ گذريل ڏينهن ڪري تباهه ٿيندڙ آذربائيجان جي مسافر جهاز جو بليڪ باڪس لڀي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته بليڪ باڪس ملڻ کانپوءِ حادثي جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. آذربائيجان جي پراسيڪيوٽر جنرل موجب حادثي جي حوالي سان سمورن امڪاني سببن جو جائزو ورتو پيو وڃي، في الحال جاچ جا نتيجا ظاهر نٿا ڪري سگهون. آذربائيجان جي جاچ ٽيم قازقستان ۾ جهاز ڪرڻ واري هنڌ جاچ ڪري رهي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب قازقستان ۾ حادثي جو شڪار جهاز ۾ عملي سميت 67 ماڻهو سوار هئا، جهاز حادثي ۾ 38 ماڻهو فوت ٿي ويا، جهاز ۾ سوار 42 ماڻهو آذربائيجان جا، 16 روس جا، 6 قازقستان جا ۽ 3 ڪرغزستان جا هئا.