27 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن:ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد: ايف بي آر جي چيئرمين راشد لنگڙيال چيو آهي ته 27 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن.

ايف بي آر چيئرمين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽيڪس وصولي ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، 27 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن.

هن چيو ته ٽيڪس ادائيگي جي لاءِ سڀني کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون. ايف بي آر جو دائرو وڌائڻ لاءِ اضافو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز کي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪس ڪليڪشن جي حوالي سان ٽاپ 5 سيڪڙو تي اسان جو فوڪس آهي، 37 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ 38 هزار ماڻهن ٽيڪس جي رقم ادا ڪئي آهي. گڏيل ٽيڪس گيپ 7.1 ٽريلين روپيه آهي.

هن چيو ته هڪ لک 90 هزار مان هڪ لک 69 هزار کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ هڪ لک 90 هزار مان 38 هزار ماڻهن ٽيڪس فائل ڪيو آهي.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته سمورا ادارا ايف بي آر سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٽاپ فائيو جي 33 لک مان 6 لک ماڻهو ٽيڪس ادا ڪندا آهن.