راولپنڊي: فوجي عدالتن 9 مئي سانحي 2023 ۾ ملوث اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀاڻيجي حسان نيازي سميت وڌيڪ 60 ڏوهارين کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 9 مئي سانحي ۾ ملوث وڌيڪ 60 ڏوهارين کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سزائون ٻڌايون. بيان موجب فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سمورين شاهدين جي جانچ پڙتال، ڏوهارين کي قانوني حق جي يقيني فراهمي ۽ قانوني گهرجن موجب ڪارروائي ڪندي سزائون ٻڌايون
پاڪ فوج جي ترجمان موجب جناح هائوس حملي ۾ ملوث ميان عباد فاروق ولد امانت علي کي 2، رئيس احمد ولد شفيع الله کي 6، ارزم جنيد ولد جنيد رزاق ۽ علي رضا ولي غلام مصطفيٰ کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث احسان الله خان ولد نجيب الله خان کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب سمورن ڏوهارين وٽ اپيل جو حق ۽ ٻيا قانوني حق برقرار آهن جيئن آئين ۽ قانون ۾ ضمانت ڏني وئي آهي. قوم، حڪومت ۽ هٿياربند فوج انصاف ۽ رياست جي رٽ کي برقرار رکڻ لاءِ ثابت قدم آهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملٽري ڪورٽ 9 مئي جناح هائوس ڪيس ۾ 25 ڏوهارين کي سزائون ٻڌايون هيون. ملٽري ڪورٽ طرفان جوابدارن کي سزائن تي يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيه طرفان خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو. پاڪستان تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽ طرفان جوابدارن کي مليل سزائون آئين کان تڪراري قرار ڏيندي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.