اسلام ۾ ننڍي عمر جي مرد سان نڪاح حرام ناهي: يسره رضوي

ڪراچي : پاڪستاني اداڪارا ۽ هدايتڪار يسره رضوي پنهنجي کان ننڍي مڙس سان شادي ڪرڻ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن اسلام ۾ ڪا شيءِ حرام ناهي ته اسان ان کي اسان تي حرام ڇو قرار ڏنو آهي؟،تازو ئي باصلاحيت اداڪارا ساٿي اداڪارا ۽ ميزبان عشنا شاهه جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سماجي روين بابت آگاهه ڪيو.ان ئي پروگرام ۾ انٽرويو دوران ميزبان اداڪاره کان سوال ڪيو ته توهان پنهنجي عمر کان 10 سال ننڍي مڙس سان شادي ڪئي آهي، ان جو ڪهڙو فائدو ڇو ته اسان جي معاشري ۾ اهو رواج ناهي؟