نقوي ۽ امين ۾ ملاقات ڪرم ۾ امن لاءِ ڪوششن بابت ڳالهيون

پشاور : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو خيبرپختونخواهه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ سهڪار ڪندا.محسن نقوي پشاور پهتو ۽ وڏي وزير جي آفيس پهتو، جتي علي امين گنڊاپور سندس استقبال ڪيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ملاقات ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گهرو وزير ۽ وڏي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.ان موقعي تي محسن نقوي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي امن جي قيام لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.هن چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ پائيدار امن لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.شهيد اسان لاءِ فخر جو باعث آهن، سندن لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.ملاقات ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته شهيدن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن، گڏجي دهشتگردي جي عفريت جو مقابلو ڪنداسين.