لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ جي ذريعي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عمران خان کي اي ٽي سي ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي پيش ڪرڻ جو گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب هن معاملي کي ڪابينه جي سامهون پيش ڪيو ويندو. دهشتگردي قانون جي تحت گڏيل طور تي انهي جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ڪري سگهجي.
هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پنجاب جي گهرو وزارت ڪابينه جي منظوري کان سواءِ وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ جي تحت ڏوهاري انتهائي خطرناڪ هوندا آهن پر آئين جوابدارن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، جسماني رمانڊ ۾ جوابدارن کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ سان بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته اي ٽي اي قانون ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ٿي چڪيون آهن پر جسماني ريمانڊ جي سيڪشن 21 اي ۾ ڪابه تبديلي ناهي ٿي، ٽرائيل جي دوران عدالت ۾ جوابدارن کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪري سگهجي ٿو پر جوابدار کي جسماني ريمانڊ تي وڊيو لنڪ جي ذريعي پيش نٿو ڪري سگهجي.
فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عدالت 15 جولاءِ 2024 تي پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ جو صوبائي گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ٿي ۽ پي ٽي آءِ باني جي درخواست کي منظور ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان لاهور ۾ 9 مئي جي 12 ڪيسز ۾ جسماني ريمانڊ لاءِ وڊيو لنڪ جو نوٽيفليشن چيلينج ڪيو هو.