آمريڪا پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:  آمريڪا ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن جي تياري جي حوالي سان پاڪستان جي چئن ادارن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان جي چئن ادارن تي الزام آهي ته انهن پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب جن چئن ادارن کي پابندين جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي انهن ۾ پاڪستان جو نيشنل ڊوالپمينٽ ڪمپليڪس شامل آهي جيڪو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي نگراني ڪري ٿو. انهي کان علاوه ايفيليٽس انٽرنيشنل، اختر اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ راڪ سائيڊ انٽر پرائز نالي ادارا شامل آهن جن پاڪستان جي ميزائل پروگرام جي لاءِ مبينه طور تي ميزائل ۽ ميزائل بابت اوزار فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته انهي مدد ۾ خصوصي وهيڪل چيسز جي تياري به شامل آهي جيڪا بيلسٽڪ ميزائلن جي لانچنگ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.انهي کان علاوه ڪراچي جي ٽن ادارن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ترجمان چيو ته تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن يا انهن جي ورهاست جي ذريعن تي به ڪارروائي ڪئي ويندي. آمريڪي پابندين جو شڪار ٿيندڙ پاڪستاني ادارن ۾ اسلام آباد جو انٽرنيشنل ڊوالپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ڪراچي ۾ قائم 3 ادارا اختر اين سن، ايفيلي ايٽس انٽرنيشنل ۽ روڪ سائيڊ انٽر پرائيزز شامل آهن.

انهن ادارن تي الزام آهي ته اهي وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي پکيڙ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن يا ادا ڪري سگهن ٿا اهي پابنديون ايگزيڪٽو آرڊر جي تحت لڳايون ويون آهن. جنهن ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن ۽ انهن جي ورهاست جي نظام کي حدف بنايو ويو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت هٿيارن جي پکيڙ جي سرگرمين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي پنهنجي ارادن جو اظهار ڪيو. اهي تازيون پابنديون سيپٽمبر 2023 ۾ آمريڪا طرفان لڳايل پابندين کان پوءِ جون آهن جڏهن هن هڪ چيني ريسرچ انسٽي ٽيوٽ ۽ پاڪستان جي ميزائل پروگرام ۾ مدد ڪندڙ ڪيترين ئي ڪمپنين کي حدف بنايو هو. آڪٽوبر 2023 ۾ چين ۾ قائم فرمن تي پاڪستان جي ميزائل جي تياري ۾ استعمال ٿي سگهندڙ شين جي فراهمي تي اضافي پابنديون لڳايون ويون هيون.

آمريڪي حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پاڪستان طرفان ڊگهي فاصلي تائين مارڪندڙ ميزائلن جي تياري ۽ ورهاست ۾ مدد ڪندڙ سرگرمين جي خلاف قدم کڻندي رهندي.