وزيراعظم جي هدايتن تي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي کي ڪجهه ڏينهن ۾ آپريشنل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي آپريشنل ڪرڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.

ذريعن موجب وزيراعظم جي هدايت تي 30 ڊسمبر تي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، افتتاحي ڪمرشل اڏام قومي ايئر لائين هلائيندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گوادر ايئرپورٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ قومي ايئرلائين جي انتظاميه ۽ ايئرپورٽس اٿارٽي وچ ۾ 5 ڪلاڪن تائين ڊگهي اجلاس کان پوءِ ايئرپورٽ جي فعاليت بابت معاملا طئي ڪيا ويا.

ذريعن موجب پي آءِ اي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نيو گوادر انٽريشنل ايئرپورٽ تي عملو مقرر ڪندو. نيو گوادر انٽرنيشل ايئرپورٽ تي چيڪ ان لاءِ ڪمپيوٽرز سميت ٻيو اهم سامان به پي آءِ اي طرفان لڳايو ويندو.

ذريعن اهو به ٻڌايو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هڪ سال تائين قومي ايئر لائنز کان ڪابه فيس نه ورتي ويندي. ايئرپورٽس اٿارٽي جي اختيارين ايئرپورٽ چارجز جي باري ۾ قومي ايئر لائين اختيارين کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته بلوچستان ۾ ڊيپ سي پورٽ گوادر ۾ چين جي 246 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري سان نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تعمير ڪيو ويو آهي