پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪاروبار ۾ مثبت رجحان

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار شروع ٿيڻ تي مخلوط رجحان ڏيکاريو ويو جيڪو بعد ۾ مثبت ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1 هزار 172 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 16 هزار 33 جي سطح تي پهچي ويو.انڊيڪس هن وقت تائين ڪاروبار دوران 1 لک 16 هزار 236 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 114 هزار 860 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 2 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 2 پئسا گهٽتائي سان 278 رپيا 25 پئسا ٿي وئي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 27 پئسا تي هو.

Pakistan Stock Exchange