حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: اياز صادق

اسلام آباد: حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

سردار اياز صادق چيو ته حڪومت  ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين لاءِ منهنجي آفيس ۽ گهر هر وقت حاضر آهي، حڪومت اپوزيشن ۾ رنجشون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون تمام گهڻيون ضروري آهن.

هن چيو ته سياسي معاملن سميت ڪنهن به معاملي تي ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ڪالهه ايوان ۾ ٿيندڙ بحث خوشي جوڳي هئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت طرفان اسيمبلي جي فلور تي پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏني وئي هئي. راڻا ثناءُالله قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته حڪومت هر معاملي تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پي ٽي آءِ رابطو ڪندي ته حڪومت سياسي ڳالهين لاءِ تيار آهي