اسلام آباد: يونان ۾ پاڪستاني سفير عامر آفتاب قريشي چيو آهي ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ گم ٿيل پاڪستانين جي بچڻ جون اميدون ختم ٿي ويون آهن.
يونان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر آفتاب قريشي چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ 4 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ٻيڙي ۾ 80 کان وڌيڪ پاڪستاني سوار هئا.
هن وڌيڪ چيو ته حادثي واري جڳهه تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي گم ٿي ويل ماڻهن جي بچڻ جون اميدون گهٽ آهن، ٻيڙي ۾ پهريان سوراخ ٿيو پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻيڙي ٻڏي وئي.
پاڪستاني سفير چيو ته حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي، گم ٿيل ماڻهن جون اميدون ختم ٿي ويون آهن. عامر آفتاب موجب لبيا مان غيرقانوني طريقي سان 5 ٻيڙين تي پاڪستاني سوار هئا، ٻيڙين کي حادثو ضرورت کان وڌيڪ ماڻهو سوار ٿيڻ سبب پيش آيو. ٻيڙين ۾ 80 پاڪستاني سوار هئا. هن ٻڌايو ته گم ٿيل پاڪستانين ۾ وڏو انگ ننڍي عمر جي ٻارن جو آهي.
ٻئي طرف پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب يونان ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ يوناني اختيارين موجب 4 پاڪستاني فوت ٿيا آهن، اسان جو مشن يوناني اختيارين سان رابطي ۾ آهي