وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت کي برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊل ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 5 پئسا في ليٽر گهٽتائي  ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت 252 روپيه 10 پئسا في  ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 2 روپيه 78 پئسا گهٽتائي کان پوءِ 148  روپيه 95 پئسا في ليٽر هوندي.

ناڻي واري وزارت موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه 32 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 161 روپيه 66 پئسا في ليٽر ٿيندي. پڌرائي موجب نيون قيمتون ڪالهه رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون.