عطا تارڙ مدرسا رجسٽريشن بل تي صدر جي اعتراضن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مدرسا رجسٽريشن بل تي صدر آصف علي زرداري جي اعتراضن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.
جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله جي بيان تي ردعمل ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته صدر جن اعتراضن جو ذڪر ڪيو، اهي آئين ۽ قانون موجب درست آهن، انهن اعتراضن ۾ فيٽف جو ذڪر ناهي ۽ نه ڪو واسطو آهي.
هن چيو ته قانوني ۽ آئيني معاملن تي سياست ڪرڻ ڪنهن جي حق ۾ ناهي، صدر آئيني اعتراض لڳايا، ان جي تصحيح پڻ آئيني طور پارليامينٽ کان ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته مدرسا رجسٽريشن بل کي فيٽف سان جوڙڻ خيالي پلاءُ پچائڻ جهڙو آهي، قانون سازي جو طريقيڪار آئين ۾ واضح آهي، بيان بازي ۽ تنقيد ذريعي صدر ۽ پارليامينٽ جي اختيارن کي هدف بڻائڻ کان بچڻ گهرجي.