عماد کانپوءِ عامر به عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

لاهور : آل رائونڊر عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محمد عامر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ ٽئي فارميٽ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
محمد عامر 36 ٽيسٽ ميچن، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عماد وسيم به عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
عامر ۽ عماد ان کان اڳ به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو پر ٻنهي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رٽائرمينٽ واپس ورتي هئي.

After Imad