چيني سرمائيڪارن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحون

بيجنگ: چيني سرمائيڪارن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اليڪٽرڪ ڪار لوڪل اسمبلنگ، سولر پينل، لوڪل مينو فيڪچرنگ، فرٽيلائيزر ۽ فارمنگ سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.

انهي حوالي سان سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته چيني سرمائيڪارن ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون واحد زون آهي جيڪو سي پيڪ سان جڙيل آهي. هن چيو ته چائنيز سرمائيڪار سنڌ ۾ هڪ ميڊيڪل سٽي ٺاهي رهيا آهن جنهن سان 50 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون سرمائيڪارن جي سهوليت لاءِ ون وڊو آپريشن ٿيندو ۽ انويسٽرز کي هر ممڪن سهوليت ڏني ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ صنعت جي قيام تي 10 ساله ٽيڪس ڇوٽ حاصل آهي اهو ڪاروبار ماڻهن کي وڏو رليف آهي اهو قدم انهن سرمائيڪارن لاءِ آهي جيڪي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا. شرجيل ميمڻ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ پاڪستان گلوبل رينڪنگ ۾ سڀني کان مٿي آهي انهي جو سبب سنڌ صوبو آهي. سنڌ صوبي پبلڪ پرائيويٽ شپ جي تحت وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. سنڌ جا وڏا وڏا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ شپ جي تحت ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته فرٽيلائيزر لاءِ چيني ڪمپني کي 200 ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي. فرٽيلائيزيشن اسان جي اهم ضرورت آهي 2 سئو ايڪڙ زمين تي پلانٽ لڳائي ڪول جي گيسيفڪيشن جو ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبي ۾ سولر پارڪ به لڳايا پيا وڃن. جيڪي توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندا. سولر پارڪس مان پيدا ٿيل بجلي جي قيمت سنڌ حڪومت مقرر ڪندي.

ناصر شاهه چيو ته سولر پارڪ سان عوام کي في يونٽ 18 روپيه ملي سگهندو. بجلي جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو سيپرا ۽ ايس ٽي ڊي سي کي اختيار آهي.