فوجي عدالتن کي فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جي ڪيسز جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ملٽري ڪورٽس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جتي دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا.ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هن نڪتي تي دليل ڏيو ته آرمي ايڪٽ جا پابندي مڙهيل قلم آئين موجب آهن، ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هر ماڻهو کي انهي جي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ انهي صورتحال کي به آڏو رکو ته آرمي ايڪٽ 1973ع جي آئين کان اڳ ٺهيو هو.جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ته پهريان ٻڌايو عدالتي فيصلي ۾ قلم ڪالعدم ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪوتاهيون آهن. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ڪالهه به چيو هو ته 9 مئي واقعن جا تفصيل ڏيو. في الحال ته اسان جي سامهون معاملو صرف ڪور ڪمانڊر هائوس جو آهي، جيڪڏهن ڪيس صرف ڪور ڪمانڊر هائوس تائين ئي رکڻو آهي ڏهن به آگاهي ڏيو، انهي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سمورا تفصيل اڄ صبح ئي مليا آهن. تفصيل گڏيل درخواست جي صورت ۾ جمع ڪرائيندس.آئيني بينچ ۾ شامل جسٽس مسرت بلالي سوال ڪيو ته جن قلمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ته انهي جي تحت ٿيل ٽرائل جو ڇا ٿيندو؟ 9 مئي کان اڳ به ته ڪنهن کي اهڙن قلمن جي تحت سزا ٿي هوندي دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته عام طور تي ڪالعدم ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل قلمن تي ٿيل فيصلن کي تحفظ هوندو آهي، جنهن تي جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا ته پوءِ ته هي انهن جوابدارن سان تعصب رکڻ واري ڳالهه ٿيندي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاڪ فوج ۾ ڪوبه شخص زبردستي نه پر پنهنجي مرضي سان ويندو آهي، فوج ۾ شامل ٿيندڙ کي خبر هوندي آهي ته انهي تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو ۽ آرمي ايڪٽ جي تحت بنيادي حق ناهن ملندا. آرمي ايڪٽ ٺاهيو ئي فوج جي نوڪري جي قائدن ۽ ڊسيپلين جي لاءِ آهي. جنهن تي وڪيل خواجه حارث چيو ته فوج ۾ ڪوبه ڏوهه جي نيت سان نٿو وڃي، بنيادي حق ڏوهه ڪرڻ تي ئي ختم ٿيندا آهن.جسٽس مندوخيل پڇيو ڇا اپيل ۾ سپريم ڪورٽ صرف اپيل ڪندڙن جي استدعا تائين محدود رهندي؟ ڇا عدالت فيصلي جي ٻين پهلو جو به جائزو وٺي سگهي ٿي؟ جڏهن ته جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ڌريون پنهنجي معروضات تائين محدود رهي سگهن ٿيون پر عدالت نه. ٻڌڻي جي اختتام تي آئيني بينچ ڪيس ۾ اڄ جي ٻڌڻي جو آرڊر جاري ڪندي فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.