نيويارڪ : گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ وڏي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ غزا ۾ بنادير، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي، اسرائيل ۽ حماس وٽ قيد يرغمالين جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو. غزه ۾ جنگ بندي جي ٺهراءَ جي منظوري لاءِ 193 مان 158 ووٽ پيا، آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين ستن ملڪن ٺهراءَ جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته 13 ملڪن جا ميمبر غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ امدادي ايجنسي انروا جي حق ۾ به ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.