اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف توشه خانه گاڏين جو ريفرنس ايف آءِ اي ايجنسي ڏانهن اماڻڻ جي استدعا رد ڪندي ايف آءِ اي جي اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 3 جي جج عابده سجاد صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي توشه خانه جي گاڏين جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻن جي استدعا تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت توشه خانه گاڏين جو ڪيس ايف آءِ اي ايجنسي ڏانهن اماڻڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت جي جج عابده سجاد ريفرنس ايف آءِ اي جي اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن اماڻي ڇڏيو. قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان ڪيس ايف آءِ اي عدالت ۾ اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته 7 نومبر تي ٿيل ٻڌڻي نيب گاڏين جو ريفرنس اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن اماڻي ڇڏيو. قومي احتساب بيورو(نيب( طرفان ڪيس ايف آءِ اي عدالت ۾ اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي