لاس اينجلس : ناليواري آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ پنهنجي مشهور ”ايرس ٽور“ دوران عملي کي 197 ملين ڊالرن جو بونس ڏئي ڇڏيو، جنهن تي سندس سخاوت جا چرچا ٿي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اها ايڏي وڏي رقم ٽرڪ ڊرائيورن، ڪيٽررز، انسٽرومينٽ ٽيڪنيشنز، لائٽنگ ۽ سائونڊ ٽيم، پروڊڪشن ٽيم، سيڪيورٽي، ڊانسرز، ڪوريو گرافرز، ميڪ اپ ٽيم ۽ ٻئي عملي ۾ ورهائي وئي.
ايرس ٽور جي انگن اکرن موجب ٽيلر جي 10168008 مداحن ان ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ 2.07 بلين ڊالرن جو ٽڪيٽون وڪرو ٿيون، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ميوزڪ ٽور آهي.