سپريم ڪورٽ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت 3 درخواستون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عام چونڊن 2024 ۾ ڌانڌلي بابت 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي وڪيل سياري جي موڪلن کان پوءِ ٻيهر مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ 8 فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار قيوم خان، محمود اختر ۽ ميان شبير عدالت ۾ پيش نه ٿيا. جنهن تي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عام چونڊن 2024 ۾ ڌانڌلي بابت 3 درخوستون پيروي نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ٽنهي درخواستگذارن عام چونڊن 2024 ۾ مبينه ڌانڌلي تي درخواست داخل ڪئي هئي

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي عام چونڊن 2024 ۾ ڌانڌلي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي