پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل ۾ مقابلو، وڏا رانديگر ڀارت ۾ کيڏندا

لاهور: ڀارت 2007ع کان پاڪستان سان ٻه طرفي ڪرڪيٽ ميچون نه کيڏيون آهن، ان سياسي فيصلي جو مقصد بظاهر پاڪستان ڪرڪيٽ کي مالي نقصان پهچائڻ هو، پر 2016ع ۾ پاڪستان سپر ليگ شروع ڪري نه رڳو مالي بار گهٽايو پر ان مان ستارن کي به راغب ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي صلاحيتن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو.بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي انٽرنيشنل ليگز ۾ پرڏيهي رانديگرن معاوضي جي دير سان ادائيگي جي شڪايت ڪئي پر پاڪستان سپر ليگ جي شروعاتي 9 سالن ۾ اهڙي هڪ به شڪايت سامهون نه آئي.هن سال پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ڪري اپريل ۾ پي ايس ايل منعقد ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن ڀارت ۾ پريميئر ليگ به شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا دنيا ۾ مالي طور تي پرڪشش آهي.ڀارت ۾ پئسن جي لالچ سبب دنيا جي ڪيترن ئي نامياري رانديگرن معاهدو ڪري ورتو آهي ۽ ڪجهه وڏن نالن کي ڇڏي ايندڙ سال 7 اپريل کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ۾ اڪثر رانديگر ايڪشن ۾ نه هوندا، افغانستان، سريلنڪا جا به وڏا رانديگر شامل آهن. پئسي جي بحران سبب ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ لنڪا ۽ بنگلاديش به شرڪت ڪندا.پاڪستان ۽ ڀارت جي ليگز ۾ سڀ کان وڏو فرق ميڊيا جي حقن جي ڪري نظر اچي ٿو.

Competition in PSL and IPL