ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو ۽ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1 لک 11 هزار 14 جي سطح تي اچي ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 916 پوائنٽس جي واڌ سان 199970 تي بند ٿيو هو.واپاري سيشن دوران 100 انڊيڪس 2732 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو ۽ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 1 لک 10 هزار 358 ٿي وئي.