9 مئي تي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي عمران خان جي درخواست منظور ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني پاران 9 مئي سانحي جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ عمران خان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست عوامي اهميت جي ناهي، ان تي اعتراض آهن، جنهن تي عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.پي ٽي آءِ جي باني وڪيل حامد خان چيو ته اڍائي سال ٿي ويا آهن، خبر آهي 9 مئي تي ڇا ٿيو؟ 9 مئي کان پوءِ سوين ڪيس ٿيا، هڪ سياسي پارٽي کي ڀت سان لڳايو ويو.ان تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته توهان هاءِ ڪورٽ جو ڇو نه رابطو ڪيو؟عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيل کي چيو ته هو رڳو رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيا آهن، ميرٽ تي ڪيس اڃا تائين ناهي ٻڌو ويو، ڪيس جي ري شيڊول ٿيڻ تي عدالت کي اٿاريل سوالن کي پورو ڪرڻو پوندو.ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ٺهي ته رڳو ذميواري طئي ڪندي، جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سان فوجداري ڪيسن تي اثر نه پوندو.بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

On May 9