آرمي چيف جي ڪيمبرين پيٽرول مشق ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پاڪ فوج جي ٽيم کي مبارڪباد

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير برطانيه ۾ منعقد ڪيمبرين پيٽرول مشق ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پاڪ فوج جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪيمبرين پيٽرول مشق برطانيه ۾ 4 کان 13 آڪٽوبر 2024 تائين منعقد ڪئي وئي هئي جيڪا دنيا جي مشڪل ترين فوجي مشقن ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. پاڪ فوج جي ٽيم سميت 143 ٽيمن انهي ۾ حصو ورتو.

پاڪ فوج جي دستي بهترين مهارت ۽ ارادن جو مظاهرو ڪندي ڇهون ڀيرو اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. آرمي چيف ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪرڻ تي کين مبارڪباد ڏني.

مڊ ويلز مشق برطانيه جي سخت ۽ ڏکين پهاڙي علائقن ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ جسماني طاقت برداشت، حڪمت عملي ۽ ذهني پختگي  کي پرکيو ويندو آهي. ڪيمبرين پيٽرول مشق ٽيم ورڪ، قيادت، خود نظم وضبط، جرئت ۽ سخت ترين آپريشنل حالتن ۾ عزم جو عملي مظاهرو ڪرڻ جو هڪ معيار سمجهي ويندي آهي