ملڪ جي مستحق ماڻهن لاءِ حڪومت جو وڏو اعلان

اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سيڪريٽري واهپيدارن جا بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چيئرمين مير غلام علي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي غربت گهٽائڻ واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت معاملي تي گفتگو ڪئي وئي.
بي آءِ ايس پي اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو بينظير انڪم جي بينفشريز مان هڪ لک 30 هزار عورتن جا ٿمب/آڱوٺا ڪم نٿا ڪن، جن کي جنوري ۾ خاص ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.
بينفشريز کي رقم اڪائونٽ ۾ ڏيڻ واري معاملي تي اختيارين چيو ته سمورين بئنڪن جا سڄي ملڪ مجموعي 17 هزار برانچز آهن پر انهن مان گهڻائي شهرن ۾ آهي جڏهن ته پروگرام جا گهڻي قدر بينفشريز ٻهراڙين سان واسطو رکن ٿا انڪري ڏکيائيون پيش اينديون.
انڪم سپورٽ پروگرام جي اختيارين تجويز ڏني ته پوائنٽ آف سيل ايجنٽس جي ذريعي رقم فراهمي جاري رکي وڃي.
ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين مير غلام علي چيو ته جن شين ۾ انساني ٽچ اچي وڃي اتي ڳڙٻڙ ٿي ويندي آهي، بينظير انڪم سپورٽ جو سسٽم آٽو ميشن تي ٿيڻ گهرجي.
ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي سيڪريٽري ٻڌايو ته هر صارف جو بئنڪ اڪائونٽ کوليو ويندو جنهن بعد بينفشريز بئنڪن جي برانچز مان به رقم حاصل ڪري سگهندا، اِها تمام وڏي ڪاميابي هوندي.
هن چيو ته بينفشريز جا بئنڪ اڪائونٽ کولڻ بابت شهري علائقن ۾ پهريون پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهن جيڪي ٽن مهينن لاءِ هوندو.
سيڪريٽري ٻڌايو ته واهپيدارن لاءِ ٻين بئنڪن مان رقم وصولي جي سهولتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هنن جي ڪوشش آهي ته بينظير انڪم بينفشريز ڪنهن به بئنڪ مان پئسا ڪڍي سگهن .