ڪافي پيئڻ جو هڪ ٻيو وڏو فائدو سامهون اچي ويو

ڪافي کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اها صحت لاءِ به فائديمند سمجهي ويندي آهي.
هاڻ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته پنهنجو گهڻو وقت ويهي گذاريندڙ ماڻهو ڪافي جو استعمال ڪري وقت کان اڳ موت جو خطرو گهٽائي سگهن ٿا.
اهو انڪشاف چين ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آيو.
Soochow يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته تمام گهڻو وقت ويهي گذارڻ سان مختلف مرضن جي نتيجي ۾وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ 10 هزار بالغ ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو ۽ انهن جي صحت جو 13 سالن تائين جائزو ورتو ويو.
تحقيق دوران ٻين عنصرن جهڙوڪ عمر، جنس، تعليم، آمدني، جسماني وزن ۽ ٻين کي نظر ۾ رکيو ويو هو.
تحقيق ۾ دريافت ٿيو ته جيڪي ماڻهو ڏينهن ۾ 8 ڪلاڪ ويهي گذاريندا آهن، انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري موت جو خطرو 46 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي، جڏهن ته دل جي مرضن جو خطرو 79 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب ڪافي پيئڻ سان وڌيڪ وقت ويهي گذارڻ سان صحت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کان تحفظ ملندو آهي.
نتيجن سان خبر پئي ته ڪافي پيئڻ سان ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 33 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته دل جي مرضن جو خطرو 54 سيڪڙو گهٽجندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا برٽس ميڊيڪل جرنل پبلڪ هيلٿ ۾ ڇپيا.