ڊيون ڪانوي انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر ٿي ويو

ايڊليڊ : نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر ڊيون ڪانوي انگلينڊ خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.ان حوالي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڊيون ڪانوي پهرين ٻار جي ڄمڻ سبب ٽئين ٽيسٽ کيڏي نه ويندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڊيون ڪنوي جي جاءِ تي مارڪ چيپمين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽئين ميچ ڇنڇر کان هيملٽن ۾ شروع ٿيندي.3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي 2 صفر جي فيصلي واري برتري حاصل آهي.