هنڊريڊ انڊيڪس 1 لک 10 هزار جي نئين حد پار

ڪراچي:پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات منفي هئي، جيڪا بعد ۾ مثبت رجحان ۾ تبديل ٿي وئي ۽ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1 هزار 116 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 10 هزار 170 جي سطح تي پهچي ويو آهي.انڊيڪس هن وقت تائين ڪاروبار دوران 1 لک 10 هزار 248 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 1953 پوائنٽس تي بند ٿيو. ٻئي طرف آمريڪي ڊالر جي انٽر بئنڪ مٽا سٽا جي شرح گذريل ڪاروباري هفتي جي بند شرحن تي وڪرو ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح 278.01 پئسا تي برقرار رهي.