ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي : ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 300 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 74 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2632 ڊالر في اونس آهي.