قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي روزاني الائونس جي ادائيگي

لاهور : قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي روزانو الائونس ڏنو ويندو هو،ذريعن موجب قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي 25 ڏينهن جو ڊيلي الائونس ڏنو ويو آهي،ان کان علاوه رانديگرن کي ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جو روزاني الائونس به ڏنو ويو،پي ايف ايڇ پاران آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ 25 ڏينهن جو الائونس فنڊز جي عدم دستيابي سبب ادا نه ڪيو ويو،فنڊن جي وصولي تي پي ايڇ ايف 20 هزار رپيا في ڏينهن ادا ڪري چڪو آهي،پي ايڇ ايف دير جي دوران سهڪار تي رانديگرن جا ٿورا مڃيا،جونيئر هاڪي ٽيم جي رانديگرن جو روزاني الائونس پڻ ادا ڪيو ويو آهي،هاڪي ٽيم جي رانديگر روزاني الائونس ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.