ڪراچي جي هوا جو معيار صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار

ڪراچي : ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي هوا جو معيار صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب ڪراچي دنيا جي آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آهي.ڪراچي ۾ فضائي آلودگي 229 ميٽرڪ ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.عالمي ماحوليات جي ويب سائيٽ موجب هوا ۾ 151 کان 200 پارٽيڪيوليٽ ميٽرز آلودگي جي موجودگي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. هوا ۾ آلودگي جي 201 کان 300 پارٽيڪيوليٽ ميٽرن جي موجودگي صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي، جڏهن ته 301 پارٽيڪيوليٽ ميٽرن کان مٿي آلودگي جي موجودگي خطرناڪ آهي.