اسٽاڪ ايڪسچينج جو هنڊرينڊ انڊيڪس1 لک 6 هزار جي حد پار

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جتي انڊيڪس 160,000 پوائنٽس کي پار ڪري ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 1 هزار 195 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 6 هزار 300 جي سطح تي پهچي ويو آهي.ڪاروبار دوران انڊيڪس 1 لک 6 هزار 309 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي به پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 1 لک 5 هزار 104 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر اڄ 3 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا مهانگو ٿي 277 رپيا 95 پئسا ٿي ويو،ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 277 92 پئسا هو.