بي اعتمادي رٿ ڪامياب، فرانسيسي وزيراعظم عهدي تان فارغ

پيرس : فرانسيسي وزيراعظم مائيڪل بارنيئر خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي وئي.577 رڪني پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي 288 ووٽن جي ضرورت هئي، جڏهن ته کاٻي ۽ ساڄي ڌر گڏجي بي اعتمادي لاءِ 331 ووٽ ڪاسٽ ڪيا.وزير اعظم بارنيئر بجيٽ کي اسپيشل اٿارٽي تحت اسيمبليءَ جي منظوري کانسواءِ لاڳو ڪيو هو.مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته بارنيئر بجيٽ بابت اسان جا مطالبا ٻڌڻ ۾ ناڪام ٿيا.مارين لي پين، نيشنل ريلي پارٽي جي اڳواڻ، چيو ته بارنيئر کي برطرف ڪرڻ کان سواء ٻيو ڪو رستو نه هو.هن چيو ته اپوزيشن صدر ميڪرون جي استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪري رهي آهي.لي پين وڌيڪ چيو ته صدر تي دٻاءُ وڌندو رهندو جيڪڏهن هو ووٽرن جو آواز نه ٻڌندو، سياسي طاقتن ۽ چونڊن جو احترام نه ڪندو.مائيڪل بارنيئر 3 مهينا اڳ صدر ايممنول ميڪرون پاران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو.ان کان اڳ 1962ع ۾ فرانس جي حڪومت بي اعتمادي جي ٺهراءَ تي ٽوڙي وئي.فرانس جي وزيراعظم جي حڪومت اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، 60 سالن ۾ پهريون ڀيرو فرانس ۾ ڪنهن حڪومت اهڙو ڏينهن ڏٺو آهي.

No-confidence motion successful