پاڪستان جي سرينڊر ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، پي سي بي

لاهور : محسن نقوي ۽ پي سي بي عملدارن جي ٽيم دبئي کان وطن واپس پهچي وئي، ٽيم جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن.ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي بابت ڪيترائي اجلاس ڪيا.پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان بورڊ پنهنجي موقف تي قائم آهي، جواب جو انتظار آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجون شرطون آءِ سي سي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، بورڊ کي آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي جواب جو انتظار آهي.پي سي بي ذريعن موجب پاڪستان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن ها ته آءِ سي سي ۽ ڀارت وقت نه گهرن ها.ذريعن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ موڪلن سبب جواب ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

Talks of Pakistan surrendering are baseless