ايف بي آر روينيو شارٽ فال جي ذميوار انتظاميه قرار

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عملدارن روينيو شارٽ فال جو ذميوار موجوده انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو.انلينڊ روينيو سروس آفيسرز ايسوسيئيشن (IRSOA) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ناتجربيڪار ۽ گمراهه ڪندڙ پاليسين سبب 356 ارب رپين جو شارٽ فال ٿيو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته روينيو هدف ۾ ناڪامي جو سبب موجوده ايف بي آر انتظاميه جون پاليسيون آهن، جيڪي نام نهاد ٽرانسفارميشن پلان جي نالي تي پاليسيون ٺاهي ان تي عمل ڪيو پيو وڃي.انجمن جو چوڻ آهي ته ٽرانسفارميشن پلان آفيسرن ۾ بدامني پيدا ڪئي آهي ۽ وڏي انحراف جو سبب بڻيو آهي، جنهن پڻ آمدني گڏ ڪرڻ جي ڪوششن کي متاثر ڪيو آهي.ان لينڊ سروس آفيسرن چيو آهي ته وفاق ۾ 80 سيڪڙو جونيئر فيلڊ آفيسر تمام گهٽ پگهار تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن فيلڊ آفيسرن کي ٽرانسپورٽ، فيول ۽ رهائش جون سهولتون نه ڏنيون پيون وڃن.بيان ۾ چيو ويو ته جونيئر آفيسرن کي بنيادي سهولتن کان سواءِ ڏورانهن علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو، جونيئر آفيسرن کي ڪرپشن جو نشانو بڻائي بدنام ڪيو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه جونيئر آفيسرن ۾ وڌيڪ عدم اطمينان جو سبب بڻيل آهي.ان لينڊ سروس آفيسرن جو چوڻ آهي ته گريڊ 18 کان 19 تائين ڊپارٽمينٽل پروموشن بورڊ جي قيام ۾ دير ٿيڻ تي سخت خدشا آهن، ڊپارٽمينٽل پروموشن بورڊ جي قيام ۾ دير جو ڪو به ٹھوس سبب نه ٻڌايو ويو آهي. گذريل سال اسان ساڳئي افرادي قوت سان مقرر ڪيل سمورا هدف حاصل ڪيا، انجمن پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.