ريلوي جو معذورن کي 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو فيصلو

لاهور : پاڪستان ريلوي مسافرن کي ڀاڙن ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اها رعايت رڳو معذور ماڻهن لاءِ هوندي. پاڪستان ريلوي معذور ماڻهن لاءِ وڏو قدم کڻندي کين ٽڪيٽ تي 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اها رعايت گرين لائن ٽرين تي لاڳو نه ٿيندي. پاڪستان ريلوي موجب سڄي ملڪ ۾ معذور ماڻهو گرين لائن ٽرين کانسواءِ سڀني ايڪسپريس ۽ مسافر ٽرينن ۾ 50 سيڪڙو رعايت سان سفر ڪري سگهندا. اها رعايت رڳو انهن ماڻهن کي ملندي، جيڪي ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ هوندا ۽ انهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي معذوري جي حوالي سان ڄاڻ داخل هوندي. پاڪستان ريلوي موجب اهڙا معذور مسافر جيڪي نابين هوندا، انهن سان گڏ ايندڙ اٽينڊنٽ کي به رعايت ملندي.