اَي ٽي سي پاران خان سميت 96 اڳواڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا سومر تي اسلام آباد پوليس جي درخواست منظور ڪندي عمران خان سميت 96 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان 13 نومبر تي اسلام آباد ۾ ڀرپور احتجاج جي فائنل ڪال ڏني هئي جنهن جي موٽ ۾ 24 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ قلم 144 لاڳو هئن جي باوجود پوليس رڪاوٽون ٽوڙي پوليس ۽ رينجرز مٿان مبينا حملا ڪري ڊي چوڪ تائين پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پهتا هئا. پرتشدد جهڙپن ۽ مظاهري ۾ پي ٽي آءِ 12 ڪارڪنن جي قتل ۽ درجنين ڪارڪن جي زخمي ٿيڻ جي دعوا ڪئي هئي. جڏهن ته حڪومت مظاهرين جي فائرنگ ۽ گاڏي هيٺان ڪچلڻ جي واقعن ۾ 4 رينجرز ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ ۽ 70 کان مٿي اهلڪارن جي اخمي هئڻ جي دعوا ڪئي هئي. پوليس هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن جي گرفتاري جي دعوا ڪئي هئي جن ۾ 37 افغاني شهري به شامل هئا. پوليس پرتشدد مظاهرين وٽان ڪلاشنڪوف، شاٽ گن، پسٽل ۽ ٻين قسمن جا 35 هٿيار برآمد ڪرڻ جي به دعوا ڪئي هئي. اسلام آباد پوليس سرڪار وڪيل معرفت دهشتگردي جي قلمن هيٺ داخل ڪيل ڪيس م نامزد ڪيل 96 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. جن ۾عمران خان، بشرا بي بي، ڪي پي جو وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اڳوڻي صدر عارف علوي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري وقاص اڪرم ۽ ٻين پارٽياڳواڻن جا نالا شامل آهن. اڳواڻن ۾ شعيب شاهين، علي بخاري، شير افضل مروت، فيصل جاويد، زرتاج گل ۽ عامر مغل به شامل آهن. عدالت درخواست منظور ڪندي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.