سيالڪوٽ: حڪومت جو خيبرپختون خواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو ڪو به ارادو نه آهي: دفاع واري وزير خواجه آصف وضاحت ڪري ڇڏي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خواجه آصف پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن جا وڊيو بيان به پيش ڪيا، ڪارڪنن ٻڌايو ته کين پئسا ڏئي ڌرڻي ۾ آندو ويو هو ۽ اهو به چيو ويو هو ته اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻي آهي، خواجه آصف چيو ته احتجاج دوران ڪنهن به شهري جي مارجي وڃڻ جا ثبوت نه مليا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ تڪراري بيان ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ 3 ڀيرا وفاق تي حملا ڪيا، هاڻي خيبرپختون خواهه مان ڪڏهن به ڪاهه نه ٿيندي، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ اي اين پي خيبرپختون خواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي مخالفت ڪئي هئي.