پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا سويرا نديم جي والده لاڏاڻو ڪري وئي،تصوير ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي سويرا نديم پنهنجي مداحن کي پنهنجي والده جي وفات جي خبر ڏني آهي،هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان جي زندگي جي خوشي ۽ فخر منهنجي ماءُ هن دنيا کي بهترين جاءِ تي ڇڏي هلي وئي،اداڪارا لکيو ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن به شخص سان ملي ان کي تمام گهڻو پيار ڪيو ۽ کيس ياد ڪيو، کيس ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي،هن لکيو ته ماءُ ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻ جي همت هئي، هوءَ شفقت، طاقت ۽ مسلسل همت افزائي جو شاندار مثال هئي،پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ سويرا نديم پنهنجي ماءُ سان پيار جو اظهار ڪندي لکيو ته هوءَ راڻي آهي ۽ هميشه رهندي.