شرٽ ڦاڙڻ ۽ پوليس تي فائرنگ، پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيس داخل

اسلام آباد : راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ اڳوڻو صدر عارف علوي، عليما خان، علي امين گنڊاپور، عمر ايوب، شهريار رياض، حماد اظهر، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته بني گالا 22 نومبر تي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج کي اڀاريو ۽ بشرا بي بي سوشل ميڊيا تي بيان ڏئي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو.داخل ٿيل ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن سازش تحت روڊ بلاڪ ڪيا، جوابدارن پوليس اهلڪارن تي لٺين، گولين، شيشي ۽ پٿرن سان حملو ڪيو.ڪيس ۾ پي ٽي آءِ قيادت سميت 75 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي سميت 16 دفعات شامل ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه راولپنڊي جي صادق آباد ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عليما خان، بشرا بي بي، علي امين گنڊاپور، عمر ايوب، حماد اظهر، اسد قيصر، عارف علوي، خورشيد خان ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جون 14 شقون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ قتل به شامل آهي.ايف آءِ آر موجب ڪالهه صبح 7:30 وڳي فيض آباد پل تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن اشتعال انگيز نعرا هنيا، جوابدارن ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.جوابدارن پوليس تي لٺبازي ۽ پٿراءُ ڪيو.ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته جوابدار ڪانسٽيبل جنيد جي شرٽ ڦاڙي نوشيروان وٽان سرڪاري وائرليس سيٽ به ڦري ورتي.جوابدارن پل تي پوليس پارٽي تي سڌي فائرنگ ڪئي، 2 گوليون سرڪاري گاڏي کي لڳيون.ايف آءِ آر موجب ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ جي 77 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان وائرليس سيٽ، آنسو گيس جا شيل، لٺيون، پٿر ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.جوابدارن وٽان استعمال ٿيندڙ 3 گاڏيون به تحويل ۾ ورتيون ويون، جوابدارن پوليس جي مزاحمت ڪندي روڊ بلاڪ ڪري عوام جو رستو بند ڪري ڇڏيو، شهر جي زندگي مفلوج ٿي وئي، جوابدارن عوام جي جان کي خطرو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو

Tearing of shirts and firing on police