فخر زمان جي ڏکڻ آفريقا واري دوري ۾ واپسي جا امڪان

لاهور : ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊز تي مشاورت آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.ذريعن موجب اسڪواڊز جو اعلان زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز يا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ ڪيو ويندو،چيمپيئنز ٽرافي کي سامهون رکندي فخر زمان کي ٽيم جي ضرورت قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ريڊ بال ٽيم لاءِ امام الحق جي نالي تي به غور ڪيو پيو وڃي،ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي 20 سيريز ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي،سينيئر بيٽسمينن ۽ بالرن کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ آرام ڏنو ويندو،ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي سيريز لاءِ مضبوط اسڪواڊ هوندي، بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي جي واپسي ٿيندي، جڏهن ته وائيٽ بال ٽيم ۾ فخر زمان جي واپسي جو به قوي امڪان آهي،ذريعن موجب ٽيسٽ رانديگرن جي ڪيمپ ڏکڻ آفريڪا ۾ رٿيل آهي.