آسٽريليا ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي وارو بل منظور

ڪينبرا : آسٽريليا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا تي پابندي جو بل ايوان نمائندگان ۾ منظور ڪيو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب ايوان نمائندگان مان منظوري کانپوءِ بل کي حتمي منظوري لاءِ هلندڙ هفتي سينيٽ ۾ موڪليو ويندو جنهن کانپوءِ اهو دنيا ۾ پنهنجي قسم جو پهريون قانون بڻجي ويندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا تي پابندي جي بل کي حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي حمايت حاصل آهي، بل کي 102 ووٽن سان 13 ووٽن سان منظور ڪيو ويو.