ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي، بينچ مارڪ ڪي ايس اي هينڊريڊ انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. خميس تي نئين ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو بينچ مارڪ ڪي ايس اي هينڊرڊ انڊيڪس 1210 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪري ورتو. ياد رهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ صرف 17 مهينا اڳ 40 هزار پوائنٽس جي سطح تي هئي. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو احتجاج ختم ٿيڻ کانپوءِ سياسي غير يقيني واري صورتحال ختم ٿيڻ کانپوءِ اربع ڏينهن 100 انڊيڪس 4 هزار 695 پوائنٽس جي تاريخي واڌ سان 99 هزار 269 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾هڪ ئي ڏينهن ۾ 4 هزار 695 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو.