پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي جو اجلاس، بشريٰ بي بي جي ڪردار تي بحث

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي اربع تي پارٽي جي فيصله سازي ۾ بشريٰ بي بي جي ڪردار تي بحث ڪئي وئي ۽ سوال اٿاريو ته عمران خان جي سنگجاني واري هنڌ تي ڌرڻي وارن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪنهن ڪئي.؟ ڪنهن احتجاجي ريلي کي ڊي چوڪ وڃڻ تي مجبور ڪيو؟ ڪنهن جي فيصلي سان پارٽي ڪارڪن فوت ٿيا؟

پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي ڌار ڌار اجلاس ۾ احتجاجي ريلي جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ۽ ٻنهي فورمز تي پارٽي جي مختلف اڳواڻن بشريٰ بي بي طرفان ادا ڪيل ڪردار تي به بحث ڪئي.

ٻنهي اجلاس ۾ حڪومت طرفان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي مبينه جاني نقصان جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي شهادت جا انگ اکر جيڪي انهن ڪميٽين ۾ مختلف اڳواڻن مختلف ذريعن جي حوالي سان پيش ڪيا اهي مختلف هئا. اهڙي جاني نقصان تي حڪومت  مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ انهي تي به زور ڏنو ويو ته پارٽي اندر ذميوارن ماڻهن جي جاچ لاءِ انڪوائري ضروري آهي جن جي ڊي چوڪ تائين مارچ جي فيصلي سبب پارٽي ڪارڪنن جون فوتگيون ٿيون.

اجلاسن ۾ چيو ويو ته جڏهن عمران خان واضح طور تي پارٽي کي اسلام آباد جي علائقي سنگجاني تي ڌرڻو هڻڻ جي هدايت ڪئي ته ڪنهن جي حڪم تي ڊي چوڪ اسلام آباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي؟ عمران خان جي هدايت ڇو نظر انداز ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي هدايت جي خلاف ڀڃڪڙي ڪنهن ڪئي؟ اهڙن سوالن جو سبب بشريٰ بي بي طرفان ادا ڪيل ڪردار تي سوال اٿاريو ويو. پي ٽي آءِ جي ٻنهي ڪميٽين جي اجلاس ۾ ڪنهن به عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جود فاع نه ڪيو.

انهي جي ابتڙ اهو چيو ويو ته فيصلي ڪرڻ جو ڪم سياسي قيادت کي ڏنو وڃي، غير سياسي ماڻهن کي نه ٻنهي اجلاسن ۾ اها ڳالهه به بحث هيٺ آئي ته جيڪڏهن عمران خان جي هدايت تي سنگجاني روڊ تي ڌرڻو هنيو وڃي ها ته نه صرف پارٽي ڪارڪن جاني نقصان کان بچي وڃن ها پر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ باضابطه ڳالهين جي شروعات به ٿي سگهي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پارٽي جي ڪيترن ئي اعليٰ اڳواڻن کي نه صرف 24 نومبر جي احتجاج جي تاريخ تي خدشا هئا(جنهن جو اعلان عمران خان اسلام آباد تائين احتجاجي مارچ لاءِ ڪيو هو) پر بعد ۾ انهن عمران خان کان اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جي آپشن تي به ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پر اختيارين انهن اڳواڻن کي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملڻ نه ڏنو.

PTI core committee and political committee meeting