تحريڪ انصاف تي پابندي لڳندي، بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪيو ويندو: فيصل واوڊا جي دعويٰ

اسلام آباد: سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته جلد ئي پي ٽي تي پابندي لڳڻ واري آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي کي به گرفتار ڪيو ويندو.

نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري کان پوءِ جلد ئي پي ٽي آءِ جي مخلص ماڻهن جي هڪ نئين پارٽي پي ٽي آءِ پاڪستان بڻجي ويندي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف مان هڪ ماڻهو 9 مئي جو واقعو ڪرايو ۽ انهي اقتدار ۾ گوگي گينگ کان به سمورا ڪرايا. فيصل واوڊا چيو ته بشري بي بي ئي ڊي چوڪ وڃڻ چاهيو ٿي پر اها به بعد ۾ فرار ٿي وئي. جيڪڏهن بشريٰ سنگجاني ۾ جلسو ڪرڻ تي راضي ٿي وڃي ها ته شايد هنن جي ڪجهه عزت رهجي وڃي ها، هاڻ موجوده قيادت ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي به قابل نه رهي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي گڏجاڻي دوران سمورن اڳواڻن چيو آهي ته هن عورت اسان جي لاءِ مصيبتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. فيصل واوڊا اها به دعويٰ ڪئي ته علي امين گنڊاپور کي گرفتار نه ڪيو ويندو پر بشريٰ بي بي ضرور گرفتار ٿيندي.

Tehreek-e-Insaf will be banned