پي ٽي آءِ جي گرفتار شرپسندن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ احتجاج جي هنڌ تان گرفتار ٿيل پي ٽي آءِ جي شرپسندن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.

پي ٽي آءِ جي تازي  احتجاج ۾ شريڪ شرپسند سجاد چيو ته پارٽي قيادت اسان سان رابطو ڪيو ته اوهان کي احتجاج ۾ اچڻو آهي، اسان کي 50 هزار روپيه ڏنا ويا، جتي اسان کي احتجاج ۾ ڦاسائي پي ٽي آءِ قيادت فرار ٿي وئي. شرپسند سجاد چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جي فرار ٿيڻ کان پوءِ اسان به فرار ٿيڻ لڳاسين ته پوليس اسان کي گرفتار ڪري ورتو.

شرپسند خورشيد محمد اعواڻ ٻڌايو ته مان پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ اسلام آباد اچي رهيو هئس ۽ ٽرانسپورٽ جو مسئلو هجڻ سبب هنن شرپسندن جي گاڏي ۾ ويهي رهيس، مان گاڏي ۾ ويهي پريشان ٿي ويس ڇو ته انهن جون حليا عجيب وغريب هئا انهن وٽ ڏنڊا، پٿر ۽ هٿيار هئا. خورشيد محمد اعواڻ وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جڏهن انهن جي گاڏي کي روڪيو ته انهن رڪجڻ جي بجاءِ پوليس تي حملو ڪيو ۽ گاڏي ڀچائي ويا، ٽول پلازه پهچڻ تي شرپسندن باهيون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون، مان وڏي مشڪل سان جان بچائي.

شرپسند رئيس محمد ٻڌايو ته مان ٿر جو رهواسي آهيان، هوٽل تي ڪم ڪندو آهيان پي ٽي آءِ وارا آيا ۽ چيو ته اسان جي ماڻهن کي ماني ڏيو، مون شرپسندن کي ماني ڏني ته انهن اتي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڀڄي ويا ، پوليس مون کي گرفتار ڪري ورتو.

اياز نالي شرپسند ٻڌايو ته مان ايبٽ آباد جو رهواسي آهيان مون کي پي ٽي آءِ وارا احتجاج ۾ وٺي آيا مون کي چيو ويو ته اوهان کي اسلام آباد ۾ سڀ ڪجهه ملندو اسان کي هتي آڻي هي سڀ ڀڄي ويا ۽ پوليس اسان کي گرفتار ڪري ورتو.