ڪرم ۾ جهڙپون، 5 ڄڻا مارجي ويا، فوتين جو انگ 107 ٿي ويو

ڪرم: ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي معاهدي باوجود جهيڙا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٿيو هو پر ان باوجود 8 ڏينهن کان مسلسل ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي.پوليس موجب تازين جهڙپن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن، جهڙپن ۾ هينئر تائين 55 ڄڻا مارجي ويا ۽ 149 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب 21 نومبر تي مسافر گاڏين تي حملي ۾ 52 ڄڻا مارجي ويا هئا. ضلعي انتظاميا موجب پشاور-پارا چنار مين هاءِ وي 8 ڏينهن کان بند آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله جو چوڻ آهي ته مين هاءِ وي بند ٿيڻ سبب افغانستان سان لڳندڙ خرلاچي بارڊر تي واپار به بند آهي. ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس به معطل آهي، جنهن سبب ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله جو چوڻ آهي ته جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هنگو، اورڪزئي ۽ ڪوهاٽ جي اڳواڻن جو جرڳو ڳالهين لاءِ پاراچنار پهچي رهيو آهي، ڌرين ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد جون ڪوششون جاري آهن .

5 killedClashes in Karam