اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي فائنل ڪال مس ڪال ثابت ٿي، شرپسند پنهنجون گاڏيون، سامان ۽ ڪپڙا ڇڏي فرار ٿي ويا، تحريڪ انصاف اهم ثبوت مٽائڻ لاءِ ڪنٽينر کي پاڻ باهه ڏني، علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿيا، پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائڻ آيا هئا، ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ڀڄي ويا، علي امين جو نالو گنڊاپور نه پر ڀڳوڙو هجڻ گهرجي.
رات دير سان ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته ميڊيا آفيسن تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو، شرپسند پنهنجون گاڏيون، سامان ۽ ڪپڙا ڇڏي فرار ٿيا، پي ٽي آءِ وارن ڪنٽينر کي پاڻ باهه ڏني، ڪنٽينر جي هيٺيان دستاويز سڙيل نظر اچي رهيا آهن جنهن ۾ اهم منصوبه بندي شامل هئا. عطاءُالله تارڙ چيو ته جيڪو ڪنٽينر ساڙيو ويو آهي انهي جي هيٺيان ڪاغذن جا ڍير مليا آهن جن جو فرانزڪ ڪرايو ويندو. ڪنٽينر کي انهي لاءِ باهه ڏني وئي ته انهي ۾ اهم دستاويز ۽ ثبوت هئا. دستاويز ۾ لکيل هو ته ڪٿي حملا ڪرڻا آهن، ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مظاهرين پارليامينٽ هائوس تي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿي، پي ٽي آءِ وارن اهم شخصيتن کي نشانو بنائڻ چاهيو ٿي ۽ فرار ٿيڻ کان اڳ سمورا ثبوت پاڻ ساڙي ڀڄي ويا آهن. مظاهرين پنهنجون چپلون، ڪپڙا ۽ گاڏيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، خوف وچان ڀڄندڙن جون گاڏيون پاڻ ۾ ئي ٽڪرائجي ويون. اسان هنن کي لاش نٿي ڏيڻ چاهيان، رتو ڇاڻ نٿي چاهي، اسان کي صحيح وقت جو انتظار هو، انهي کان پوءِ چراغن ۾ روشني نه هئي، هنن جي نيت صحيح نه لڳي هئي، انهي لاءِ سياسي بدنامي هنن جو مقدر بڻجي وئي. افسوس سان اها فائنل ڪال نه هئي مس ڪال هئي، باني پي ٽي آءِ جي فائنل ڪال مس ڪال ثابت ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور جو نالو ڀڳوڙو هجڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور ٻيون ڀيرو فرار ٿيو آهي. علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي هڪ گاڏي ۾ فرار ٿيا. رپورٽون آهن ته منال جي رستي کان فرار ٿيا. پاڻ کي گهريلو عورت چورائيندڙ عورت جو ڀڄڻ هاڻ معمول بڻجي ويو آهي. هنن جي اڳواڻ جي فائنل ڪال هئي پر ان باوجود پي ٽي آءِ وارا ڀڄي ويا، فرار ٿيلن کي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي.