اسلام آباد: هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته افسوس جوڳو آهي ته سياستدانن کي احتجاجن ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڪا به ڳڻتي ناهي.ايڇ آر سي پي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪنهن به جاني نقصان، قانون نافذ ڪرڻ وارن جو هجي يا سياسي ڪارڪنن جو، ناقابل قبول هجڻ گهرجي.ايڇ آر سي پي چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايوان ۾ تڪڙا ۽ بامقصد ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.ايڇ آر سي پي وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻين سياسي پارٽين کي به تڪڙي ۽ بامقصد ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي ڇڪتاڻ ۾ آڻڻ بدران پرامن طريقي تي اتفاق ڪيو وڃي.ايڇ آر سي پي اهو به چيو آهي ته سياسي ڪارڪنن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ کان به پاسو ڪيو وڃي. هن سڄي عمل ۾ ٻين جي حرڪت جي آزادي جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي. خاص ڪري پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ روزي ڪمائڻ وارن جي آزادي جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.